سـنڌ جـو عـطار

سـنڌ جـو عـطار

سنڌ جو عطار

سـنڌ جـو عـطار (ڪتاب): حـضـرت سـچـل سرمـسـت بابت ڊاڪـٽــرنواز علي شوق جو هي ڪتاب ٻن ڏهاڪن کان سچل سرمست ادبي ڪانفرنس ۾ پڙهيل سندس ادبي ۽ تحقيقي مقالن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ سچل سائينءَ جي سوانح، سلسلي، سياسي ۽ سماجي پسمنظر، شاعريءَ، سچل جي طالبن وغيره بابت تحقيقي مواد موجود آهي. ڪتاب ۾ شامل مقالن جـي تـرتيـب هـن ريت آهي: (1) سچل سرمست جي ڪلام سان ٿيل
زيادتين جا مثال، (2) سنڌي ڪافيءَ جو سرواڻ: سچل سرمست، (3) سچل سائينءَ جي ڏوهيڙن ۾ اکڙين جو مضمون، (4) سچل جي شاعري تاريخ جي روشنيءَ ۾، (5) سچل سرمست جي سرائيڪي شاعري، (6) سچل سرمست جو طالب گهرام فقير جتوئي، (7) سچل سائينءَ جي ڪلام ۾ صوفياڻا اصطلاح، (8) سخي قبول محمد ٻئي جي سلسلي جا شاعر، (9) سچل سرمست جو ساقي نامو، (10) آڪيداس (سچل سائينءَ جو هڪ محبوب صوفي)، (11) سيد خير شاهه، (12) سچـل سـرمـسـت ۽ ڪـن ٻيـن شـاعرن جي ڪلام جو ناياب نسخو، (13) فقير محمد صلاح، (14) حضرت سچل سرمست- سنڌ جو عطار.


هن صفحي کي شيئر ڪريو